رمضان نول

رمضان نول

رمضان نول

رمضان نول: نواجوان شاعر محمد رمضان نول، 20 جولاءِ 1961ع تي شهر موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ محمد موسيٰ نول جي گھر ۾ جنم ورتو. هن گريجوئيشن تائين موري شهر ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1984ع ۾ ايم. اي سياسيات ۾ ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ نيويءَ ۾ اڪائونٽنٽ رهيو. مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏ هن جو ادبي تنظيمن سان تعلق پڻ رهيو. اسلام آباد ۾ نوڪريءَ دوران 1984ع کان 1985ع تائين سنڌ ڪلچرل آرگنائيزيشن جو نائب صدر رهيو. واهه ڪينٽ ۾ نوڪريءَ دوران 1985ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين، جنهن جو 1986ع تائين جوائنٽ سيڪريٽري رهيو. ڪراچيءَ ۾ ملازمت دوران 1987ع کان 1988ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪرٽري ۽ پوءِ 1990ع تائين سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. ڪراچيءَ جي سنگت کي سرگرم ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو.
رمضان نول لکڻ جي شروعات 1981ع کان شاعريءَ سان ڪئي. شاعريءَ ۾ پهرين تخليق وائي آهي، جيڪا 1983ع ۾ شايع ٿي. هن وقت تائين شاعريءَ ۾ غزل، وائي، نثري نظم تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. هن شاعريءَ سان گڏ ڪجھه ڪهاڻيون ۽ ڪالم به لکيا. سندس شاعري ترقي پسند ۽ قومي خيالن سان گڏ سماج ۽ زندگيءَ جي مسئلن جي اپٽار تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شهري دهشتگردي ۽ برده فروشيءَ جا اولڙا به نظر اچن ٿا. ان کانسواءِ ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيائين. سندس شاعريءَ ۾ پسنديده صنف نثري نظم آهي. هن وقت تائين سـندس نثـري نظمن جا ٻه مجموعا’جھيڻي روشني جا نظم‘ (1993ع) ۽ ‘روح جا سجدا‘ (1999ع) شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هن جي غزل، وائي ۽ نظمن تي مشتمل ڪتاب ’درد جي ڇانوَ، ڪهاڻين جو ڪتاب ’سانت پڙاڏا‘ ۽ ڪالمن جو ڪتاب ’رخ بنا رستا‘ پڻ اڻ ڇپيل قلمي مسودن جي صورت ۾موجود آهن. هن جي شاعريءَ تي سنڌ جي وڏن شاعرن لڇمڻ ڪومل، واسديو موهي ۽ هدايت بلوچ جا اثرائتا مضمون ڇپيل آهن.
هن نوجوان شاعر دماغي رڳ ڦاٽڻ سبب ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ 28 جولاءِ 2001ع تي وفات ڪئي، کيس موري ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ رمضان نولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.07.20  عيسوي

نواجوان شاعر محمد رمضان نول، 20 جولاءِ 1961ع تي شهر موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ محمد موسيٰ نول جي گھر ۾ جنم ورتو.


2001.07.28  عيسوي

هن نوجوان شاعر دماغي رڳ ڦاٽڻ سبب ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ 28 جولاءِ 2001ع تي وفات ڪئي، کيس موري ڀرسان اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صهبا اختر
درد علي محمد سولنگي
ستار پيرزادو
شبير هاليپوٽو
پيرزادو رحمت الله
در محمد فقير
امام علي جنجھي
خواجه غلام فريد
سرور ڪيريو
امام الدين ضامن
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون